چون ٿا ته هڪ دفعي چين جي هڪ حاڪم هڪ اهڙو پٿر رستي جي وچ تي رکرايو جو ان
جي رکڻ سان اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ويجهو ئي هڪ پهريدار
کي ويهاري هر ايندڙ ويندڙ جي ردِ عمل کي نوٽ ڪري کيس ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو۔۔
سڀ کان پهريان رستي کان هڪ تاجر جو گذرڻ ٿيو ۔۔ جنهن رستي جي وچ تي رکيل پٿر کي ڏسندي ئي ان ماڻهون کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو جنهن عين رستي جي وچ تي اهو پٿر رکي ڇڏيو هو۔۔۔ هن زور زور سان چيو ته هو هاڻي ئي وڃي ڪنهن اعلى عملدار سان شڪايت ڪندو ۽ جنهن پٿر اتي رکيو آهي ان کي سزا ڏياريندو۔۔
ان کان پوءِ اتان هڪ ٺيڪيدار جو گذرڻ ٿيو۔۔ جنهن جو ردِ عمل به گذريل تاجر جهڙو ئي هيو پر سندس لب و لهجي ۾ ايتري ڪاوڙ نه هئي جيتري تاجر کي هئي۔۔۔ ڇو ته ٻنهي جي رتبي ۾ فرق به ته هو۔۔۔
ٿوري دير ۾ ٽن بيروزگار نوجوان ساٿين جو گذر ٿيو۔۔۔ جيڪي ڪنهن ڪم ڪار جي ڳولا ۾ نڪتل هئا۔۔۔ انهن پٿر رکندڙ کي ڄٽ، جاهل ۽ بيوقوف جا لقب ڏنا ۽ کلندا اڳتي راهي ٿيا۔۔۔۔
اهڙي طرح مختلف ماڻهون ايندا رهيا جن ڪڏهن پٿر رکندڙ کي ته ڪڏهن حڪمرانن کي برو ڀلو ٿي چيو۔۔۔
ان پٿر کي اتي رکئي ٻه ڏينهن گذري ويا۔۔۔ جنهن کان پوءِ اتان هڪ غريب ۽ مسڪين هاري جو گذر ٿيو۔۔۔ شڪايت يا شڪوو ڪرڻ بجاءِ هن جي دل ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي سا هئي ان تڪليف جو احساس جيڪو ان پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي ٿي رهيوهو۔۔ هو چاهي پيو ته ڪهڙي به طرح ان پٿر کي اتان هٽائجي ۔۔
ان هاري اتان گذرندڙ ماڻهن کي آواز ڏيندي گڏ ڪيو ۽ کين پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو۔۔ ۽ آخر ۾ سڀني کي گڏجي ان پٿر کي هٽائڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي۔۔۔
اهڙي طرح سڀني ماڻهن گڏجي زور لڳايا ۽ ان پٿر کي رستي تان پري ڌڪي ڇڏيو۔۔۔ پٿر جي هٽڻ سان پٿر جي هيٺان ننڍي کڏي ۾ رکيل هڪ سون جي صندوقچي نظر آئي ۔۔ جنهن کي جڏهن هاري کوليو ته اندران هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو نڪتو ۔۔۔ جنهن ۾ لکيل هيو۔۔
حاڪمِ وقت طرفان پٿر کي رستي تان هٽائيندڙ ماڻهون جي نالي۔۔ جنهن جي عملي سوچ مسئلن تي شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ ان جي حل ڪڍڻ کي بهتر ڄاڻيو۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>