امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Nov 29, 2012

مسئلن تي شڪايت ڪرڻ بجائي ان جو حل ڳوليو...


چون ٿا ته هڪ دفعي چين جي هڪ حاڪم هڪ اهڙو پٿر رستي جي وچ تي رکرايو جو ان جي رکڻ سان اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ويجهو ئي هڪ پهريدار کي ويهاري هر ايندڙ ويندڙ جي ردِ عمل کي نوٽ ڪري کيس ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو۔۔

سڀ کان پهريان رستي کان هڪ تاجر جو گذرڻ ٿيو ۔۔ جنهن رستي جي وچ تي رکيل پٿر کي ڏسندي ئي ان ماڻهون کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو جنهن عين رستي جي وچ تي اهو پٿر رکي ڇڏيو هو۔۔۔ هن زور زور سان چيو ته هو هاڻي ئي وڃي ڪنهن اعلى عملدار سان شڪايت ڪندو ۽ جنهن پٿر اتي رکيو آهي ان کي سزا ڏياريندو۔۔

ان کان پوءِ اتان هڪ ٺيڪيدار جو گذرڻ ٿيو۔۔ جنهن جو ردِ عمل به گذريل تاجر جهڙو ئي هيو پر سندس لب و لهجي ۾ ايتري ڪاوڙ نه هئي جيتري تاجر کي هئي۔۔۔ ڇو ته ٻنهي جي رتبي ۾ فرق به ته هو۔۔۔

ٿوري دير ۾ ٽن بيروزگار نوجوان ساٿين جو گذر ٿيو۔۔۔ جيڪي ڪنهن ڪم ڪار جي ڳولا ۾ نڪتل هئا۔۔۔ انهن پٿر رکندڙ کي ڄٽ، جاهل ۽ بيوقوف جا لقب ڏنا ۽ کلندا اڳتي راهي ٿيا۔۔۔۔

اهڙي طرح مختلف ماڻهون ايندا رهيا جن ڪڏهن پٿر رکندڙ کي ته ڪڏهن حڪمرانن کي برو ڀلو ٿي چيو۔۔۔

ان پٿر کي اتي رکئي ٻه ڏينهن گذري ويا۔۔۔ جنهن کان پوءِ اتان هڪ غريب ۽ مسڪين هاري جو گذر ٿيو۔۔۔ شڪايت يا شڪوو ڪرڻ بجاءِ هن جي دل ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي سا هئي ان تڪليف جو احساس جيڪو ان پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي ٿي رهيوهو۔۔ هو چاهي پيو ته ڪهڙي به طرح ان پٿر کي اتان هٽائجي ۔۔



ان هاري اتان گذرندڙ ماڻهن کي آواز ڏيندي گڏ ڪيو ۽ کين پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو۔۔ ۽ آخر ۾ سڀني کي گڏجي ان پٿر کي هٽائڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي۔۔۔

اهڙي طرح سڀني ماڻهن گڏجي زور لڳايا ۽ ان پٿر کي رستي تان پري ڌڪي ڇڏيو۔۔۔ پٿر جي هٽڻ سان پٿر جي هيٺان ننڍي کڏي ۾ رکيل هڪ سون جي صندوقچي نظر آئي ۔۔ جنهن کي جڏهن هاري کوليو ته اندران هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو نڪتو ۔۔۔ جنهن ۾ لکيل هيو۔۔

حاڪمِ وقت طرفان پٿر کي رستي تان هٽائيندڙ ماڻهون جي نالي۔۔ جنهن جي عملي سوچ مسئلن تي شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ ان جي حل ڪڍڻ کي بهتر ڄاڻيو۔۔۔

4 تبصره:

Ahmed Ali Mangrio لکيو آهي

اهڙي حرڪت ڪرڻ تي بادشاه جي لا ڇا ڪرڻ گهرجي؟

عرس پريو لکيو آهي

اسان جي سوچ اهڙي آهي جو مسعلن جو حل ڪڍڻ بجاء انهن کي وڌيڪ ڊگهو ڪندا آهيون. ء شروعات ڪرڻ ۾ پهل نه ڪندا آهيون جيڪا هڪ معاشرتي ڪمزوري آهي.

بهترين سبق آموز

رشيد سمون لکيو آهي

@Ahmed Ali Mangrio
عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي... جي حاڪم جي نيت ۾ کوٽ هجي ها ته اسان جي حاڪمن وانگر هجي ها.. پر هن سبق سيکارڻ ٿي چاهيو... اهو ئي سبق مان ورهائڻ ٿو چاهيان... پسنديدگي جا لک ٿورا

رشيد سمون لکيو آهي

@Uris Pario
ان سوچ کي ئي ته تبديل ڪرڻو آهي ادا...

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Note: Only a member of this blog may post a comment.