امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Nov 23, 2012

بدنظري..



دل الله جو گهر
هڪ نوجوان هڪ بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته توهان چوندا آهيو ته ”بدنظري کان پرهيز ڪريو۔۔ پر مان نوجوان آهيان ۔۔۔ جڏهن بازار ۾ ويندو آهيان ته بي پرده عورتون ڏسي منهنجي نظر ان طرف اٿي ويندي ويندي آهي۔۔۔ ان صورت ۾ مان ڇا ڪريان۔۔۔؟“

بزرگ وراڻيو۔۔ ”ٺيڪ آ اهو راز مان توکي سمجهائي ڇڏيندس پر پهريان منهنجو هڪ ڪم ڪر۔۔ هي کير جو پيالو بازار جي پريان موجود بزرگ تائين پهچائي اچ۔۔۔ پر ياد رکجان هن پيالي ۾ موجود کير مان هڪ ڦڙو به ڪرڻ نه گهرجي۔۔ توسان گڏ هي ساٿي به ساڻ ڪريان ٿو۔۔۔ جي کير جي ڦڙي کي به ڪيرايئي ته هي ساٿي توکي ٻه چماٽون هڻندو ۔۔۔“

نوجوان ڳالهه منظور ڪئي ۽ کير جو ڀريل پيالو کڻي روانو ٿيو ۔۔۔ ۽ پيالي کي انتهائي احتياط سان پڪيڙيندي بازار جي ٻي ڀر موجود بزرگ تائين پهتو ڪيو۔۔

واپسي تي نوجوان بزرگ کي خوش ٿيندي ٻڌايو ته هن ڪيڏو نه احتياط سان پيالو بزرگ تائين پهچايو۔۔۔ ۽ عرض ڪيائين ته هاڻي مون کي نظر جي حفاظت جو نسخو ڏسيو۔۔۔

بزرگ وراڻيو ته: ”کير پهچائيندي تو رستي ۾ ڪيتريون عورتون ڏٺيون۔۔۔؟“

نوجوان جواب ڏنو۔۔ ”هڪ به نه۔۔۔ جو منهنجي سموري توجه کير جي پيالي تي مرڪوز هئي ته ڪاٿي ان مان کير ڇلڪي ضايع نه ٿئي ۽ مون کي ٻه چماٽون نه لڳن ان ڪري آس پاس ڌيان ڌرڻ جي فرصت ئي نه ملي۔۔۔“

بزرگ وراڻيو۔۔ ”اهو ئي حال الله وارن جو هوندو آهي۔۔ هو هر وقت پنهنجي دل جي پيالي تي نظر رکندا آهن۔۔ ۽ ان کي ڇلڪڻ نه ڏيندا آهن۔۔ ڇو ته کين خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن گناهن ڪري پيالو ڇلڪي پيو ۽ نظر ڦري وئي ته قيامت جي ڏينهن سڀني جي سامهون رسوائي ٿيندي۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن الله پاڪ جو ڊپ ۽ قيامت جي ڏينهن رسوائي جو خوف هجي ته ڪڏهن به بدنظري نه ٿيندي۔۔۔“

2 تبصره:

urispario لکيو آهي

بلاگ وڻيو تمام سٺو ڪوشش ڪبي ته ٺاهجي
توهان جو بلاگ ٻين کان بهتر آهي

رشيد سمون لکيو آهي

ڀلي ڳالهه ته تڏهن ٿيندي وڏا جڏهن سڀ دوست پنهنجا بلاگ نه صرف خوبصورت جوڙين پر ان کي اپڊيٽ به ڪندا رهن..

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔

Note: Only a member of this blog may post a comment.