امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Nov 29, 2012

مسئلن تي شڪايت ڪرڻ بجائي ان جو حل ڳوليو...


چون ٿا ته هڪ دفعي چين جي هڪ حاڪم هڪ اهڙو پٿر رستي جي وچ تي رکرايو جو ان جي رکڻ سان اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ويجهو ئي هڪ پهريدار کي ويهاري هر ايندڙ ويندڙ جي ردِ عمل کي نوٽ ڪري کيس ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو۔۔

سڀ کان پهريان رستي کان هڪ تاجر جو گذرڻ ٿيو ۔۔ جنهن رستي جي وچ تي رکيل پٿر کي ڏسندي ئي ان ماڻهون کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو جنهن عين رستي جي وچ تي اهو پٿر رکي ڇڏيو هو۔۔۔ هن زور زور سان چيو ته هو هاڻي ئي وڃي ڪنهن اعلى عملدار سان شڪايت ڪندو ۽ جنهن پٿر اتي رکيو آهي ان کي سزا ڏياريندو۔۔

ان کان پوءِ اتان هڪ ٺيڪيدار جو گذرڻ ٿيو۔۔ جنهن جو ردِ عمل به گذريل تاجر جهڙو ئي هيو پر سندس لب و لهجي ۾ ايتري ڪاوڙ نه هئي جيتري تاجر کي هئي۔۔۔ ڇو ته ٻنهي جي رتبي ۾ فرق به ته هو۔۔۔

ٿوري دير ۾ ٽن بيروزگار نوجوان ساٿين جو گذر ٿيو۔۔۔ جيڪي ڪنهن ڪم ڪار جي ڳولا ۾ نڪتل هئا۔۔۔ انهن پٿر رکندڙ کي ڄٽ، جاهل ۽ بيوقوف جا لقب ڏنا ۽ کلندا اڳتي راهي ٿيا۔۔۔۔

اهڙي طرح مختلف ماڻهون ايندا رهيا جن ڪڏهن پٿر رکندڙ کي ته ڪڏهن حڪمرانن کي برو ڀلو ٿي چيو۔۔۔

ان پٿر کي اتي رکئي ٻه ڏينهن گذري ويا۔۔۔ جنهن کان پوءِ اتان هڪ غريب ۽ مسڪين هاري جو گذر ٿيو۔۔۔ شڪايت يا شڪوو ڪرڻ بجاءِ هن جي دل ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي سا هئي ان تڪليف جو احساس جيڪو ان پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي ٿي رهيوهو۔۔ هو چاهي پيو ته ڪهڙي به طرح ان پٿر کي اتان هٽائجي ۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

منهنجو عزم... انسانيت، ايمانداري ۽ برداشت


منهنجو عزم .... منهنجي انسانيت
منهنجو عزم .... منهنجي ايمانداري
منهنجو عزم....  منهنجي برداشت 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 28, 2012

قرآن پاڪ جي تلاوت جو اسان جي زندگي تي اثر…

مٿي پهاڙن تي هڪ بزرگ پنهنجي پوٽي سان گڏ رهندو هو۔۔ هو روزانو صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا۔۔ بزرگ جو پوٽو هميشه ڪوشش ۾ رهندو هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جهڙو بڻجي۔۔
هڪ ڏينهن پوٽو چوڻ لڳو ۔۔”ڏاڏا مان به توهان وانگر قرآن پاڪ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان۔۔ پر مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي۔۔۔ جيڪو ٿورو گهڻو سمجهه اچي اهو به جيئن ئي مان قرآن بند ڪندو آهيان وسريو وڃي۔۔ اهڙي قرآن پڙهڻ مان اسان ڇا سکي سگهنداسين۔۔۔ مون کي ته ڪجهه فائدو نظر نه ٿو اچي۔۔۔“
ڏاڏي خاموشي سان کيس ڪوئلن سان ڀريل ٽوڪري خالي ڪري سندس حوالي ڪئي ۔۔ ۽ چيائين ۔۔ ”وڄ۔۔۔ وڃي هيٺان وهندڙ ندي مان پاڻي جي ٽوڪري ڀري اچ۔۔۔“
پوٽي ڏاڏي جو حڪم مڃيندي هيٺ نهر مان پاڻي ڀري موٽيو پر گهر تائين پهچندي پهچندي ٽوڪري مان سڀ پاڻي وهي ويو۔۔ ڏاڏي مسڪرايو ۽ چيائين۔۔”تون هن دفعي وڌيڪ تيز قدم کڻجانء ۽ اچڻ ۾ جلدي ڪجانء۔۔۔“ ۽ ان کي واپس موڪلي ڇڏيو۔۔
هن دفعي ڇوڪرو وڌيڪ تيزي سان واپس موٽندي گهر تائين پهتو ۔۔ پر گهر پهچندي پهچندي هڪ دفعو وري ٽوڪري پاڻي کان خالي ٿي وئي۔۔ تيز هلڻ سان سندس ساهه ڦوڪجي رهيو هو ۔۔ ۽ انهي ڪيفيت ۾ ئي هن ڏاڏا کي چيو۔۔ ”ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ ممڪن ئي ناهي۔۔ مان بالٽي ۾ پاڻي ڀري اچان ٿو۔۔۔“
ڏاڏا وراڻيو۔۔۔ ”مون کي پاڻي جي بالٽي نه کپي ۔۔۔ پر پاڻي جي ٽوڪري گهرجي۔۔ تون ٺيڪ طرح ڪوشش نه ٿو ڪرين۔۔۔“ ڏاڏا کيس وري واپس موڪليو ۽ هن دفعي سندس واپسي جو انتظار ڪرڻ لاءِ در تي بيهي رهيو۔۔ ڇوڪري کي خبر هئي ته اهو ناممڪن آهي پر هن پنهنجي ڏاڏا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ دفعو وري نهر مان ٽوڪري ۾ پاڻي ڀريو ۽ تيزي سان واپس ڊوڙندو واپس وريو۔۔ پر واپس ايندي ايندي ٽوڪري مان سمورو پاڻي ضايع ٿي ويو۔۔ واپس پهچي هن ڏاڏا کي چيو۔۔۔ ”ڏٺوَ ڏاڏا۔۔۔ ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ بي سود آهي۔۔۔ “
ڏاڏي ٽوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين۔۔ ”ٽوڪري ڏانهن ڏس۔۔۔“ ڇوڪري ٽوڪري کي ڏٺو ۽ پهريون دفعو کيس احساس ٿيو ته ٽوڪري پهرين کان مختلف آهي۔۔ اها هاڻي پراڻي ۽ گندي ٽوڪري بجاءِ اندران ۽ ٻاهران صاف سٿري ٿي چڪي هئي۔۔۔
ڏاڏي چيو۔۔ ” پٽ جڏهن اسان قرآن پڙهندا آهيون ته چاهي اسان ان جو هڪ به لفظ سمجهي نه سگهندا هجون ۔۔ يا ياد نه ڪري سگهندا هجون پر پوءِ به ان جي تلاوت اسان کي اندران ٻاهران ائين ئي صاف ڪري ڇڏيندي آهي۔۔۔ اهڙي طرح الله تعالى اسان جي زندگي تبديل ڪندو آهي۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 27, 2012

نا اميد نه ٿيو ۔۔ هي دنيا فاني آهي۔۔

۽ مون جڏهن ڏهين منزل تان ٽپو ڏنو۔۔۔




منهنجي ته سموري زندگي سورن ۽ ڏکن سان ڀريل هئي۔۔
ڪو حل به ته نظر نه پيو اچي۔۔۔
بس خودڪشي ئي هڪ حل هيو۔۔
ٽپو لڳايان يا نه۔۔۔۔؟
۽ پوءِ مون واقعي ٽپو لڳائي ڇڏيو۔۔۔


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 26, 2012

نئين ٽيڪنالاجي جي دنيا ۽ اسان جو حال..


سمارٽ برڊ روبوٽ
خبر آهي ته ٽيڪنلاجي ۽ بائيونڪ اوزارن جي ميدان ۾ اڳتي نڪرندي جرمني جي مشهور ۽ معروف آتو مشين ڪمپني فيسٽو جي سائنسندانن ڪبوترن وانگر اڏام ڪندڙ روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي. جنهن کي جاسوسي لا۽ به استعمال ڪري سگهبو۔
سمارٽ پرڊ نالي انهي روبوٽڪ جو وزن صرف 400 گرام آهي ۽ هوا ۾ اڏام ڪرن لا۽ ان ۾ هڪ هلڪي وزن جي اليڪٽرڪ موٽر ۽ 2 ميٽر ڊگهين پرن ۾ به معاون موٽرون لڳايون ويون آهن۔
هن جي ذريعي دشمن ملڪن جي فوجين تي نظر رکڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اهم دفاعي ڪم وٺي سگهجن ٿا. پرآخر ڪار اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو هو۔۔۔ جو سموري دنيا تي راڄ رکندڙ آمريڪا اها ٽيڪنالاجي پاڪستان تي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ۔۔ پر اها سندن بدقسمتي چئجي جو اهو روبوٽ پاڪستان جي علائقي چمن ۾ ڪري پيو۔۔ وڌيڪ حوال هن وڊيو ۾ ڏسو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 25, 2012

سلطان صلاح الدين ايوبي جي ياد

سلطان صلاح الدين ايوبي جي مزار (شام)
ان مجاهدِ اعظم جي قبر جنهن کي اڄ به فلسطيني پڪاري رهيا آهن..

هڪ اندازي موجب غزه تي گذريل ڏينهن ۾ 1643 ميزائيل اڇلايا ويا..
جنهن مان 364 زمين تان زمين تي مار ڪندڙ...
1114 ايئر ڪرافٽ ذريعي ... ۽ 165 ٽينڪن وسيلي ...
نتيجي ۾ 822 گهرن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو جنهن مان ..
76 مڪمل طور تباهه...
187 بري طور تباهه..
۽ 559 جزوي طور تباهه..ٿيا...
جڏهن ته سڀ کان قيمتي جاني نقصان عليحده...

ڇا توهان کي غزه جي هن وڊيو جي خبر آهي ته جيڪا بار بار يوٽيوب ۽ فيس بوڪ تان هٽائي ويندي آهي .. پر وري ڪونه ڪو وري ان کي اپلوڊ ڪري ڇڏيندو آهي..
جي اڳ نه ڏٺي اٿوَ ته حاضر دنيا جي المناڪ وڊيو جنهن کي ڏسي اکين جا ڳوڙها روڪڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي..



مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 24, 2012

ڇا اجمل قصاب ... امر سنگهه هو..؟

ڪجهه ڏينهن اڳ انڊين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي بمبئي حملن ۾ ملوث اجمل قصاب کي ڦاهي ڏني وئي۔۔ ڦاهي ڏيڻ جي عمل کي راز ۾ رکيو ويو۔۔۔ جنهن ڪري انڊين ميڊيا سميت مختلف سوشل نيٽورڪس تي اهڙيون اهڙيون خبرون اچڻ لڳيون آهن۔۔ جن تي ڪڏهن کل ته ڪڏهن حيرت وٺيو وڃي۔۔۔
خبرون آهن ته اجمل قصاب کي گذريل سال کان ڊينگي بخار هيو ۽ ڦاهي جي سزا کي ان ڪري پوئتي رکيو ٿي ويو ته اجمل قصاب جي صحتيابي بعد کيس ڦاهي ڏني وڃي۔۔۔ ڇو ته قانون به اهيو پيو ٻڌائي۔۔ پر ڪجهه اطلاع آهن ته اجمل قصاب ان بيماري مان بچي نه سگهيو ۽ کيس ڦاهي ڏيڻ جو ڊرامو ڪري انڊين قوم کي خوش ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪانگريس پارٽي پنهنجي ساک کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔

ڳالهيون کڻي اهي به هجن پر پاڪستاني ٿنڪ ٽينڪ سمجهيو ويندڙ زيد حامد وري ڳالهه ئي مختلف پيو ڪري۔۔۔ هوئن ته سندس شخصيت تي کوڙ ساريون آڱريون به کنيل آهن پر سندس پروگرام ڏسندي اڪثر اختلاف رکندڙ ماڻهون به لاجواب ٿيو وڃن۔۔۔
هتي دوستن جي معلومات خاطر سندس هڪ اردو پروگرام جي مختصر وڊيو ڏيکارجي ٿي ۔۔ جنهن ۾ موصوف ثابت ڪري رهيو آهي ته اجمل قصاب نه رڳو پاڪستاني ناهي پر مسلمان به نه آهي۔۔ ۽ اهو انڊن انٽيليجنس را جو خفيه ايجنٽ آهي۔۔۔ توهان به ڏسو ۽ پنهنجا خيال ڏسيو ته ڇا توهان ساڻس متفق آهيو۔۔۔


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

غزا فلسطين جي حالاتِ زار ۽ اسان مسلمان...


لندن شهر جو منظر
خبرون اهي آهن ته آخر هڪ هفتي جي ظالمانه ڪارواين جن ۾ 150 معصوم ۽ بيگناهه فلسطيني مسلمان مارائڻ کان پوءِ آمريڪا، اسرائيل کي جنگ بندي تي قائل ڪري ورتو۔۔۔
غزا ۾ انسانيت سوز ظلمن باقي مسلمانن کي جنجهوڙيو هجي يا نه پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسرائيل طرفان اهڙي ڪڌي عمل کي ننديون ويو۔۔۔ رڳو لنڊن شهر ۾ هزارين ماڻهن جو پلي ڪارڊس روڊن تي نڪري اچڻ ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ حق جا ساٿاري اڃان مئا ڪونهن۔۔




خبر ته اها به آهي ته برازيل جي مشهور فوٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو 15 لک ڊالرز جي ماليت رکندڙ پنهنجي سون جو تيار ڪيل بوٽ غزه جي ٻارن جي نالي ڪري ڇڏيو۔۔۔




انهن خبرن جتي گهڻن ماڻهن کي متاثر ڪيو هوندو۔۔۔ اتي مون کي به سوچڻ تي مجبور ڪيو۔۔ ته اسان کي پنهنجي مسلمان هجڻ تي فخر آهي پر ڏٺو وڃي ته هڪ عيسائي رانديگر ان باوجود اسان کي شڪست ڏئي ويو۔۔ جو هو عيسائي ۽ اڪيلو ٿي ڪري به اهو ڪجهه ڪري ويو جيڪو اسان مسلمانن کان ٿي نه سگهيو۔۔ هن پنهنجي عزيز شيء کي انهن بيوس ۽ تڙپندڙ سسڪندڙ معصوم ٻارن جي نالي ڪري ڇڏي۔۔ پر اسان ته پنهنجي نام نهاد ميڊيا کي ٽي وي جي سامهون ڏسندا رهياسين جتي سياسي ملهه جا مقابلا ۽ بال ٺاڪري جي موت جو سوڳ ۽ آخري رسمون براهِ راست ڏيکاريون ٿي ويون۔۔۔ ۽ اسان کان ڪجهه نه ٿي سگهيو۔۔

اسان کي سوچڻ گهرجي ته اها اسان جي ڪمزور ايمان جي نشاني آهي يا ڪمزور جذبن جي ۔۔۔ اسان اسلام جي عظيم هجڻ جون وڏي آواز سان ڳالهيون ته ڪندا آهيون پر عملي طور اسان بلڪل به پوئتي آهيون۔۔







مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 23, 2012

خواهشن جو ڪشڪول...


بادشاهه هڪ درويش کي چيو ۔۔۔”گهر جيڪو گهرڻو اٿئي۔۔۔“
درويش پنهنجو ڪشڪول بادشاهه جي اڳيان آندو ۽ عرض ڪيائين۔۔ ”حضور هن کي ڀري ڏيو۔۔۔“
بادشاهه يقدم پنهنجي ڳلي جا هار لاٿا ۽ ڪشڪول ۾ وڌا۔۔۔ هٿن جي آڱرين مان منڊيون لاٿيون ۽ کيسن مان سون ۽ چانديءَ جون اشرفيون به ڪڍي ڪشڪول ۾ وڌيون۔۔۔ پر ڪشڪول وڏو هو۔۔۔ ۽ مال گهٽ۔۔
بادشاهه خزانچي کي هيرا جواهر آڻڻ جو حڪم ڪيو۔۔ خزانچي حڪم مطابق ٻوري ڀري هيرن ۽ جواهرن جي کڻي آيو۔۔ بادشاهه پوري ٻوري ڪشڪول ۾ الٽي پر جيئن جيئن هيرا ان ڪشڪول ۾ پوندا ويا ڪشڪول جي سائيز وڏي ٿيندي ٿي وئي۔۔ ايتري تائين جو سمورا هيرا ختم ٿي ويا پر ڪشڪول ڀري نه سگهيو۔۔۔
بادشاهه کي پنهنجي بيعزتي جو احساس ٿيو۔۔ هن خزاني جا منهن خولي ڇڏيا پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔۔
خزاني کان پوءِ وزيرن ۽ درٻارين جي وارو آيو۔۔ پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔ هڪ هڪ ڪري شهر خزانن سان خالي ٿي ويو پر ڪشڪول ڀرجي نه سگهيو۔۔۔
آخر بادشاهه هار مڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ درويش ڪشڪول بادشاهه جي سامهون خالي ڪيو ۽ مسڪرائيندي واپس وريو۔۔۔ بادشاهه درويش جي پويان ڀڳو ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪيائين۔۔۔ ”حضور۔۔۔! مون کي صرف اهو ٻڌايو ته هي ڪشڪول ڇاجو ٺهيل آهي۔۔۔؟“
درويش جواب ڏنو۔۔۔ ”اي نادان۔۔۔! هي خواهشن جو ٺهيل ڪشڪول آهي ۔۔۔ جيڪو صرف قبر جي مٽيءَ سان ڀرجي سگهندو۔۔۔ “
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هڪ حڪايت


هڪ دفعي هڪ کوهه جي ڏيڏرن الله تعالى کان دعا گهري ته ۔۔۔”باقي سڀني مخلوقن جا بادشاهه آهن۔۔۔ پر اسان جو ڪونهي ۔۔۔ يا الله اسان لاءِ به ڪو بادشاهه موڪل۔۔۔“
خدا تعالى سندن سادگي ڏسندي ڪاٺي جي هڪ پٽي کوهه ۾ ڪيرائي۔۔۔ کوهه ۾ پاڻي جو زور جو ڇپلو ٿيو۔۔۔ پهريان ته سڀ ڊڄي ويا پر ٿوري دير ۾ سڀني ڏٺو ته بادشاهه ته پاڻي ۾ ڊگهو ڊگهو ستو پيو آهي۔۔۔ هو ڊڄندي ڊڄندي ويجهو آيا۔۔ ۽ پوءِ هن جي مٿان چڙهي ٽپا ڏيڻ لڳا۔۔۔
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن خدا تعالى کي وري عرض ڪيو ته ۔۔”هي بادشاهه اسان کي پسند ڪونه آيو۔۔۔ ڪو ٻيو موڪل جيڪو اسان جي شايانِ شان هجي۔۔۔ “
خدا تعالى ناراض ٿيندي هڪ سامونڊي نانگ موڪليو۔۔ جيڪو ايندي ئي ٻن ٽن ڄڻن کي چٽ ڪري ويو۔۔۔ باقي وڃي ڪنڊن پاسن ۾ لڪيا۔۔۔

منهنجيون تحريرون پڙهندڙ دوست ڪافي سمجهدار آهن۔۔ اميد ته هن حڪايت مان نتيجو ڪڍي ويندا ۔۔۔ ۽ يقينن سڀني سان ونڊيندا۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مشڪلاتن جو حل...

دعا

مون پنهنجي باباجي کان پڇيو ۔۔ ”هي بي چيني ڇو آهي۔۔۔؟ هي پريشاني ڇو آهي۔۔۔ ؟ ڇو اسان سڪونِ قلب سان ويهي نه ٿا سگهون۔۔۔؟“
ته انهن جواب ڏنو۔۔۔ ”ڏس ۔۔ تون پنهنجي پريشانين جون ڀريون پنهنجي سامهون نه رکندو ڪر۔۔۔ انهن کي خدا تعالى وٽ کڻي ويندو ڪر۔۔۔ اهو انهن کي حل ڪري وٺندو۔۔۔ تون انهن کي پاڻ زور لڳائي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرين ٿو۔۔ پر تون انهن کي حل نه ٿو ڪري سگهين۔۔۔ تون پنهنجون اهي پريشانين واريون ڀريون الله تعالى وٽ کڻي وڃ۔۔۔ ڪنهن وقت ڀت سان ٽيڪ لڳائي چئو ته ۔۔ ”اي الله ۔۔۔! هي وڏيون مشڪلاتون آهن۔۔۔ هي مون کان حل نه ٿيون ٿين۔۔۔ هي مان تنهنجي حضور ۾ کڻي آيو آهيان۔۔۔ تون انهن کي حل ڪر۔۔۔“
۽ پوءِ بي فڪر ٿي وڃ۔۔۔ الله پاڪ انهن کي سلجهائيندو ۔۔۔ بس ايمان ۽ يقين ڪامل هجڻ گهرجي۔۔۔“

اشفاق احمد جي ڪتاب تان ترجمو ڪيل
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سچي محبت نه جسماني ٿئي نه روماني...

محبت جي ڪا عمر ناهي
اها صبح تمام گهڻي مصروف هئي۔۔ ساڍي اٺين وڳين هڪ پوڙهو شخص آيو جيڪو 80 سال جو هوندو ۔۔ هن کي پنهنجي آڱوٺي جا ٽانڪا ڪڍرائڻا هيا۔۔ هن 9 بجي جو ٽائيم مليل هو پر هُو جلدي ۾ هو۔۔ ڇو ته 9 بجي هن کي ڪنهن ٻئي طرف وڃڻو هو۔۔۔
مون کائنس ضروري معلومات وٺي کيس ويهڻ جو اشارو ڪيو۔۔ ڇو ته ان جي واري کي اچڻ ۾ ڪلاڪ کان مٿي لڳي وڃڻ جو امڪان هو۔۔ مون ڏٺو ته هو بار بار ديوار تي لڳل گهڙي کي ڏسي رهيو هو۔۔ ۽ ڪافي پريشان هيو۔۔ ان بزرگ جي پريشاني جو خيال ڪندي مون پاڻ ئي هن جي زخم جو معائنو ڪيو ۽ زخم کي بهتر پوزيشن ۾ ڏسندي مون ڊاڪٽر کان سامان وٺندي ان جا ٽانڪا ڪڍي پٽي ڪري ڇڏي۔۔۔
ان دوران مون بزرگ کان پڇيو ته ۔۔۔”ڇا توهان ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کان 9 بجي جو وقت ورتو آهي جو جلدي ۾ آهيو۔۔۔؟“
هن جواب ڏنو ته کيس هڪ نرسنگ هوم وڃڻو آهي جتي هن کي 9 بجي پنهنجي زال سان گڏ ناشتو ڪرڻو آهي۔۔۔
جنهن تي مون سندس گهرواري جي طبيعت بابت پڇيو۔۔ تنهن تي بزرگ ٻڌايو ته سندس زال الزائمر نالي بيماري ۾ ورتل آهي ۽ ڪجهه عرصي کان نرسنگ هوم ۾ آهي۔۔۔
مون پڇيو۔۔۔ ”جيڪڏهن توهان وقت تي نه پهتو ته توهان جي گهر واري ناراض ٿي ويندي۔۔۔؟“
بزرگ جواب ڏنو ۔۔۔ ”هو ته گذريل پنجن سالن کان وٺي مون کي سڃاڻي ئي نه ٿي۔۔۔“
مون حيران ٿيندي پڇيو ته ۔۔۔”۽ توهان ان باوجود پنهنجي زال سان ناشتو ڪندا آهيو۔۔؟ حالانڪه هو سڃاڻي ئي نه ٿي ته توهان ڪير آهيو۔۔۔؟“
بزرگ مسڪرائيندي جواب ڏنو۔۔۔ ”بيشڪ هو مون کي نه ٿي سڃاڻي ۔۔۔ پر مان ته ان کي سڃاڻان ٿو نه ته هوءَ ڪير آهي۔۔۔“

اهو ٻڌي مون وڏي مشڪل سان پنهنجا ڳوڙها روڪيا۔۔۔ ڪيفيت اهڙي ٿي وئي جو منهنجو جيرو جهڙوڪ ٻاهر نڪرندو هجي۔۔۔ مون سوچيو ۔۔۔ ” اها آهي محبت جيڪا هر ڪنهن کي گهرجي۔۔۔“
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

بدنظري..



دل الله جو گهر
هڪ نوجوان هڪ بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته توهان چوندا آهيو ته ”بدنظري کان پرهيز ڪريو۔۔ پر مان نوجوان آهيان ۔۔۔ جڏهن بازار ۾ ويندو آهيان ته بي پرده عورتون ڏسي منهنجي نظر ان طرف اٿي ويندي ويندي آهي۔۔۔ ان صورت ۾ مان ڇا ڪريان۔۔۔؟“

بزرگ وراڻيو۔۔ ”ٺيڪ آ اهو راز مان توکي سمجهائي ڇڏيندس پر پهريان منهنجو هڪ ڪم ڪر۔۔ هي کير جو پيالو بازار جي پريان موجود بزرگ تائين پهچائي اچ۔۔۔ پر ياد رکجان هن پيالي ۾ موجود کير مان هڪ ڦڙو به ڪرڻ نه گهرجي۔۔ توسان گڏ هي ساٿي به ساڻ ڪريان ٿو۔۔۔ جي کير جي ڦڙي کي به ڪيرايئي ته هي ساٿي توکي ٻه چماٽون هڻندو ۔۔۔“

نوجوان ڳالهه منظور ڪئي ۽ کير جو ڀريل پيالو کڻي روانو ٿيو ۔۔۔ ۽ پيالي کي انتهائي احتياط سان پڪيڙيندي بازار جي ٻي ڀر موجود بزرگ تائين پهتو ڪيو۔۔

واپسي تي نوجوان بزرگ کي خوش ٿيندي ٻڌايو ته هن ڪيڏو نه احتياط سان پيالو بزرگ تائين پهچايو۔۔۔ ۽ عرض ڪيائين ته هاڻي مون کي نظر جي حفاظت جو نسخو ڏسيو۔۔۔

بزرگ وراڻيو ته: ”کير پهچائيندي تو رستي ۾ ڪيتريون عورتون ڏٺيون۔۔۔؟“

نوجوان جواب ڏنو۔۔ ”هڪ به نه۔۔۔ جو منهنجي سموري توجه کير جي پيالي تي مرڪوز هئي ته ڪاٿي ان مان کير ڇلڪي ضايع نه ٿئي ۽ مون کي ٻه چماٽون نه لڳن ان ڪري آس پاس ڌيان ڌرڻ جي فرصت ئي نه ملي۔۔۔“

بزرگ وراڻيو۔۔ ”اهو ئي حال الله وارن جو هوندو آهي۔۔ هو هر وقت پنهنجي دل جي پيالي تي نظر رکندا آهن۔۔ ۽ ان کي ڇلڪڻ نه ڏيندا آهن۔۔ ڇو ته کين خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن گناهن ڪري پيالو ڇلڪي پيو ۽ نظر ڦري وئي ته قيامت جي ڏينهن سڀني جي سامهون رسوائي ٿيندي۔۔۔ ان ڪري جيڪڏهن الله پاڪ جو ڊپ ۽ قيامت جي ڏينهن رسوائي جو خوف هجي ته ڪڏهن به بدنظري نه ٿيندي۔۔۔“
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>