امیدون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو!


Nov 29, 2012

مسئلن تي شڪايت ڪرڻ بجائي ان جو حل ڳوليو...


چون ٿا ته هڪ دفعي چين جي هڪ حاڪم هڪ اهڙو پٿر رستي جي وچ تي رکرايو جو ان جي رکڻ سان اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ويجهو ئي هڪ پهريدار کي ويهاري هر ايندڙ ويندڙ جي ردِ عمل کي نوٽ ڪري کيس ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو۔۔

سڀ کان پهريان رستي کان هڪ تاجر جو گذرڻ ٿيو ۔۔ جنهن رستي جي وچ تي رکيل پٿر کي ڏسندي ئي ان ماڻهون کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو جنهن عين رستي جي وچ تي اهو پٿر رکي ڇڏيو هو۔۔۔ هن زور زور سان چيو ته هو هاڻي ئي وڃي ڪنهن اعلى عملدار سان شڪايت ڪندو ۽ جنهن پٿر اتي رکيو آهي ان کي سزا ڏياريندو۔۔

ان کان پوءِ اتان هڪ ٺيڪيدار جو گذرڻ ٿيو۔۔ جنهن جو ردِ عمل به گذريل تاجر جهڙو ئي هيو پر سندس لب و لهجي ۾ ايتري ڪاوڙ نه هئي جيتري تاجر کي هئي۔۔۔ ڇو ته ٻنهي جي رتبي ۾ فرق به ته هو۔۔۔

ٿوري دير ۾ ٽن بيروزگار نوجوان ساٿين جو گذر ٿيو۔۔۔ جيڪي ڪنهن ڪم ڪار جي ڳولا ۾ نڪتل هئا۔۔۔ انهن پٿر رکندڙ کي ڄٽ، جاهل ۽ بيوقوف جا لقب ڏنا ۽ کلندا اڳتي راهي ٿيا۔۔۔۔

اهڙي طرح مختلف ماڻهون ايندا رهيا جن ڪڏهن پٿر رکندڙ کي ته ڪڏهن حڪمرانن کي برو ڀلو ٿي چيو۔۔۔

ان پٿر کي اتي رکئي ٻه ڏينهن گذري ويا۔۔۔ جنهن کان پوءِ اتان هڪ غريب ۽ مسڪين هاري جو گذر ٿيو۔۔۔ شڪايت يا شڪوو ڪرڻ بجاءِ هن جي دل ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي سا هئي ان تڪليف جو احساس جيڪو ان پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي ٿي رهيوهو۔۔ هو چاهي پيو ته ڪهڙي به طرح ان پٿر کي اتان هٽائجي ۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

منهنجو عزم... انسانيت، ايمانداري ۽ برداشت


منهنجو عزم .... منهنجي انسانيت
منهنجو عزم .... منهنجي ايمانداري
منهنجو عزم....  منهنجي برداشت 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 28, 2012

قرآن پاڪ جي تلاوت جو اسان جي زندگي تي اثر…

مٿي پهاڙن تي هڪ بزرگ پنهنجي پوٽي سان گڏ رهندو هو۔۔ هو روزانو صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا۔۔ بزرگ جو پوٽو هميشه ڪوشش ۾ رهندو هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جهڙو بڻجي۔۔
هڪ ڏينهن پوٽو چوڻ لڳو ۔۔”ڏاڏا مان به توهان وانگر قرآن پاڪ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان۔۔ پر مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي۔۔۔ جيڪو ٿورو گهڻو سمجهه اچي اهو به جيئن ئي مان قرآن بند ڪندو آهيان وسريو وڃي۔۔ اهڙي قرآن پڙهڻ مان اسان ڇا سکي سگهنداسين۔۔۔ مون کي ته ڪجهه فائدو نظر نه ٿو اچي۔۔۔“
ڏاڏي خاموشي سان کيس ڪوئلن سان ڀريل ٽوڪري خالي ڪري سندس حوالي ڪئي ۔۔ ۽ چيائين ۔۔ ”وڄ۔۔۔ وڃي هيٺان وهندڙ ندي مان پاڻي جي ٽوڪري ڀري اچ۔۔۔“
پوٽي ڏاڏي جو حڪم مڃيندي هيٺ نهر مان پاڻي ڀري موٽيو پر گهر تائين پهچندي پهچندي ٽوڪري مان سڀ پاڻي وهي ويو۔۔ ڏاڏي مسڪرايو ۽ چيائين۔۔”تون هن دفعي وڌيڪ تيز قدم کڻجانء ۽ اچڻ ۾ جلدي ڪجانء۔۔۔“ ۽ ان کي واپس موڪلي ڇڏيو۔۔
هن دفعي ڇوڪرو وڌيڪ تيزي سان واپس موٽندي گهر تائين پهتو ۔۔ پر گهر پهچندي پهچندي هڪ دفعو وري ٽوڪري پاڻي کان خالي ٿي وئي۔۔ تيز هلڻ سان سندس ساهه ڦوڪجي رهيو هو ۔۔ ۽ انهي ڪيفيت ۾ ئي هن ڏاڏا کي چيو۔۔ ”ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ ممڪن ئي ناهي۔۔ مان بالٽي ۾ پاڻي ڀري اچان ٿو۔۔۔“
ڏاڏا وراڻيو۔۔۔ ”مون کي پاڻي جي بالٽي نه کپي ۔۔۔ پر پاڻي جي ٽوڪري گهرجي۔۔ تون ٺيڪ طرح ڪوشش نه ٿو ڪرين۔۔۔“ ڏاڏا کيس وري واپس موڪليو ۽ هن دفعي سندس واپسي جو انتظار ڪرڻ لاءِ در تي بيهي رهيو۔۔ ڇوڪري کي خبر هئي ته اهو ناممڪن آهي پر هن پنهنجي ڏاڏا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ دفعو وري نهر مان ٽوڪري ۾ پاڻي ڀريو ۽ تيزي سان واپس ڊوڙندو واپس وريو۔۔ پر واپس ايندي ايندي ٽوڪري مان سمورو پاڻي ضايع ٿي ويو۔۔ واپس پهچي هن ڏاڏا کي چيو۔۔۔ ”ڏٺوَ ڏاڏا۔۔۔ ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ بي سود آهي۔۔۔ “
ڏاڏي ٽوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين۔۔ ”ٽوڪري ڏانهن ڏس۔۔۔“ ڇوڪري ٽوڪري کي ڏٺو ۽ پهريون دفعو کيس احساس ٿيو ته ٽوڪري پهرين کان مختلف آهي۔۔ اها هاڻي پراڻي ۽ گندي ٽوڪري بجاءِ اندران ۽ ٻاهران صاف سٿري ٿي چڪي هئي۔۔۔
ڏاڏي چيو۔۔ ” پٽ جڏهن اسان قرآن پڙهندا آهيون ته چاهي اسان ان جو هڪ به لفظ سمجهي نه سگهندا هجون ۔۔ يا ياد نه ڪري سگهندا هجون پر پوءِ به ان جي تلاوت اسان کي اندران ٻاهران ائين ئي صاف ڪري ڇڏيندي آهي۔۔۔ اهڙي طرح الله تعالى اسان جي زندگي تبديل ڪندو آهي۔۔۔
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 27, 2012

نا اميد نه ٿيو ۔۔ هي دنيا فاني آهي۔۔

۽ مون جڏهن ڏهين منزل تان ٽپو ڏنو۔۔۔




منهنجي ته سموري زندگي سورن ۽ ڏکن سان ڀريل هئي۔۔
ڪو حل به ته نظر نه پيو اچي۔۔۔
بس خودڪشي ئي هڪ حل هيو۔۔
ٽپو لڳايان يا نه۔۔۔۔؟
۽ پوءِ مون واقعي ٽپو لڳائي ڇڏيو۔۔۔


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Nov 26, 2012

نئين ٽيڪنالاجي جي دنيا ۽ اسان جو حال..


سمارٽ برڊ روبوٽ
خبر آهي ته ٽيڪنلاجي ۽ بائيونڪ اوزارن جي ميدان ۾ اڳتي نڪرندي جرمني جي مشهور ۽ معروف آتو مشين ڪمپني فيسٽو جي سائنسندانن ڪبوترن وانگر اڏام ڪندڙ روبوٽ تيار ڪري ورتو آهي. جنهن کي جاسوسي لا۽ به استعمال ڪري سگهبو۔
سمارٽ پرڊ نالي انهي روبوٽڪ جو وزن صرف 400 گرام آهي ۽ هوا ۾ اڏام ڪرن لا۽ ان ۾ هڪ هلڪي وزن جي اليڪٽرڪ موٽر ۽ 2 ميٽر ڊگهين پرن ۾ به معاون موٽرون لڳايون ويون آهن۔
هن جي ذريعي دشمن ملڪن جي فوجين تي نظر رکڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اهم دفاعي ڪم وٺي سگهجن ٿا. پرآخر ڪار اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو هو۔۔۔ جو سموري دنيا تي راڄ رکندڙ آمريڪا اها ٽيڪنالاجي پاڪستان تي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ۔۔ پر اها سندن بدقسمتي چئجي جو اهو روبوٽ پاڪستان جي علائقي چمن ۾ ڪري پيو۔۔ وڌيڪ حوال هن وڊيو ۾ ڏسو۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>